اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي پرڏيهي وزير يوشيماسا حياشي جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽوڪيو ۾ پرڏيهي وزير جاپاني پرڏيهي وزير سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظم فوميو ڪشيدا سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي تربيت، ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ پاڪستان مان جاپان کي افرادي قوت جي برآمد شامل آهي. هنن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان ?? ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ خاص طور ت?? سولرائيزيشن، ڊي سيلي نيشن ۽ واٽر پيوري فڪيشن، هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبي ۾ اعليٰ اثرن وارن پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ?? جاپاني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل ٽيسٽ ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪيو جتي هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي پاڪستان جي ويزن بابت ڳالهه ڪئي. هن پاڪستان ?? جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت ۽ پاڪستان ?? جاپان جي وچ ۾ وسيع ۽ گهڻ رخي اقتصادي تعاون تي زور ڏنو جيڪي ڪاميابي ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي کي جنم ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ?? جاپان گڏجي هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو. پرڏيهي وزير جاپاني ڪاروباري ادارن جي ايگزيڪيوٽوز، جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيسن (جيٽرو) جي نمائندن ۽ جاپان?? سول سوسائٽي جي اهم ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ هن پاڪستان ?? جاپان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ جاپاني ادارن کي پاڪستان ?? سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جاپان ?? پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوڪيو جو دورو پاڪستان ?? جاپانج ي وچ ۾ اعليٰ سطح جي سياسي مصروفيتن جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. اها ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندي.