اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پ?? پي) سڌ سماءَ واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊيو ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي ??وشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي محسوس ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ان قدم جو مقصد سستي ??نيما رسائي متعارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عالمي معيا?? جي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ فلمي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان جي موسيقي جي ڌنن جي ميپنگ ۽ عالمي معيا?? جي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ڪري رهيو آهي.