اسلام آباد – 17 ?? جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ بئنڪنگ ڪيسز اڪلائڻ، بئنڪ صارفين کي مالي انصاف جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران بئنڪنگ محتسب ٻڌايو ته بطور بئنڪنگ محتسب، سال اپريل 2019ع کا?? جولاءِ 2023ع تائين جي 4 سالا دور ۾ 3 ارب رپي?? جو ريليف فراهم ڪيو، منهنجي دور کان اڳ سال 2005ع کان 2018ع تائين جي 13 سالن ۾ عوامک ي 2.3 ارب جو ريليف ڏنو ويو، پنهنجي دور ۾ 106486 ڪيسز اڪلائي بئنڪنگ صارفين کي اربين رپي?? جو مالي انصاف فراهم ڪيو. صدر بئنڪنگ محتسب پاران گه?? مدي ۾ عوام کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف فراهم ڪرڻ تي سندس ڪوششن کي ساراهيو.