اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئون اسلامي سال شروع ٿيڻ ??ي مبارڪباد ڏني آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محرم الحرام چار مقدس ۽ حرمت وا??ن مهينن ۾ شامل آهي، سڄي دنيا حرمت وا??ن انهن چئن مهينن کي امن جي فروغ لا??ِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿي. نبي اڪرم ﷺ هن مبارڪ مهيني جي خصوصيت، فضيلت بيان فرمائي آهي. اسلام کان اڳ به هن مهيني جي حرمت هئي. رسول ڪريم ﷺ ??ي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه جي شهادت به ان مهيني ۾ ٿ??. و??يراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مهيني مبارڪ کي سڀني جي لا??ِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. عبادتن ۽ روزن جي اهتمام جي توفيق عطا فرمائي.