ل??هو?? – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پ??ڪس??ا?? انيشي ايٽو جي فليگ شپ پراجيڪٽ، پ??ڪس??ان جي پهرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ جي جديد طريقن تي ٻڌل ”خانيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آفيسر شرڪت ڪندا. پ??ڪس??ان جي واڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي جو حصو رڳو 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. پ??ڪس??ان جي زرعي شعبي جي سگهه کي پوکيءَ جي جديد طريقن جي ذريعي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. گرين پ??ڪس??ا?? انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي وچ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري ??و مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.