اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي نگراني جي لاءِ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر تي ٻڌل پهرين ??ين??رل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪيو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪست??ن ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد مانيٽرنگ سافٽ ويئر (ACTUS DIGITAL (Logger Content Digital) تي ٻڌل ن??ين ۽ پهرين ??ين??رل مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ۽ افتتاح ڪندي خوشي ٿي. اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (DEMP) ۾ موجود اها سي ايم ايس مشين لرننگ، زبان جي سڃاڻپ ۽ ڊيٽا ريسرچ جي صلاحيت رکندڙ آهي. اهو ميڊيا جي فوري ۽ درست نگراني ۽ معلومات گڏ ڪري سگهي ٿو جيڪو تيزترين ۽ باخبر حڪومتي فيصلاسازي جي لاءِ مددگار هوندو. ??ين??رل مانيٽرنگ سسٽم انفارميشن ??روسز اڪيڊمي جي شاگردن جي لاءِ پڻ دستياب هوندو. ان نظام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.