اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ ت??انائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرور?? آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چوري باب?? آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ري??يف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊ?? محمد عاصم کچي به موجود هو.