اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ??ارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت انسان?? حقن جي ڪيترين ئي عالمي تنظيمن هڪ گڏيل خط ۾ جي 20 جي م??مبر ملڪن خاص طور تي ڪانفرنس ۾ گهرايل ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڇڪرايو آهي. هن چيو ته خط ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري جابراڻي پاليسين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اظهار جي آزادي، پرامن ميڙ ۽ انجمنن تي پابندين کانسواءِ آزاد ميديا ۽ سول سوسائٽي گروپس جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ شدت شامل آهي. ترجمان چيو ته ??ارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ منظم طريقي سان دهشتگردي جي خاتمي ۽ رياستي سلامتي جي قانونن جو استعمال ڪري رهي آهي جن ۾ (يو اي پي اي) ۽ ڄمون ڪشم??ر پبلڪ سيفٽي ايڪٽ شامل آهن ته جيئن والاريل علائقي ۾ انسان?? حقن جي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي سگهجي. ترجمان چيو ته ??ارت جي 20 سربراهي اجلاس جي م??زباني ڪري رهيو آهي ۽ هو عالمي سطح تي پاڻ کي هڪ اهم ملڪ طور پيش ڪري ٿو، ان کي عالمي انسان?? حقن ۽ قانونن تحت پنهنجي ذميوارين جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين جو خاتمو ڪرڻ گهرجي.