اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائد ملت لياقت عل?? خان شهيد کي قوم جي لاءِ سندس بي پناهه خد??تن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي پاڪستان جي آزادي ۽ ان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قائد ملت جي اڻٿڪ عزم جي ياد ڏياري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قائد ملت جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته لياقت عل?? خان آزادي جي جدوجهد دوران باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح سان ??ڏ بيٺل رهيو ۽ هن قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته لياقت عل?? خان پاڪستان جي پهرين وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، قائد ملت ملڪ جي خودمختياري جو وڏو چيمپئن ۽ شهرين جي ڀلائي جو وڏو حامي هو. صدر چيو ته لياقت عل?? خان شهيد پاڪستان جي شروعاتي سالن، قرارداد مقاصد اختيار ڪرڻ ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قوم جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائد ملت نئين قائم ٿيندڙ رياست جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. صدر چيو ته قائد ملت جمهوريت، قانون جي حڪمراني، پناهگيرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي فروغ لاءِ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قوم سان لياقت عل?? خان جي مضبوط وابستگي قوم جي گڏيل شعور تي لازوال نشان ??ڏيو آهي، هڪ متحد، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان جو قائد ملت جو ويزن اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته اچو نه رڳو لياقت عل?? خان جي قربانين ۽ خدمتن کي ياد ڪريون پر هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد هجي. هن چيو ته اچو قائد ملت لياقت عل?? خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ بهتر ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ??ائد ملت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ ??قام عطا فرمائي ۽ سندس نظريا ايندڙ نسل تائين اسان جي رهنمائي ڪندا رهن.