اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني او ??ءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس پا??ستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي و??ير او ??ءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي و??ير انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پا??ستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران پرڏيهي و??ير او ??ءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پا??ستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پا??ي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او ??ءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد ت?? فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ??ئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.