اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪن??ي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خ??ش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگرا?? وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.