اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??اپ??ا کي پن بجلي من??وب?? جي آمدني مان خيبرپختونخ??اه?? حڪومت کي ادائيگي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ، خيبرپختونخ??اه?? جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ??وب?? جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخ??اه?? ۾ بجلي جي شعبي ۾ س??ار?? ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ جاري آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ان حوالي سان صوبائي انتظاميا، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، ??اپ??ا ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس کي پن بجلي جي من??وب?? جي آمدني مان خيبرپختونخ??اه?? حڪومت کي ادائيگي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ??اپ??ا کي هدايت ڪئي ته ان معاملي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪري انهن ادائيگين کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخ??اه?? کي پن بجلي من??وب?? جي حوالي سان سمورين رهتن جي ادائيگي فوري يقيني بڻائي وڃي ۽ خيبرپختونخ??اه?? جي حڪومت ۽ مرڪزي بجلي خريداري اداري (سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي) جي وچ ۾ سمورن حل طلب معاملن کي جلد حل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته سمورن ??وب?? ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخ??اه?? سميت سمورن ??وب?? جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخ??اه?? ۾ جاري پن بجلي جي من??وب?? ۽ پاڻي ذخيرن جي تعمير تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن ۽ پن بجلي جي من??وب?? جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي وڃي. پاڪستان کي الله رب العزت پاڻي جي وسيع وسيلن سان نوازيو آهي جن جو استعمال بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بهتر آبپاشي ۽ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي ٺاهڻ جي لاءِ جاري من??وب?? تي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي خيبرپختونخ??اه?? ۾ امن امان جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان خيبرپختونخ??اه?? جي لاءِ مخصوص فنڊز جي فوري ادائيگي جي لاءِ پڻ هدايت ڪئي شهداءِ ويلفيئر فنڊ کي فوري طور تي شهيدن جي گهرڀاتين تائين پهچايو وڃي، شهيدن ملڪ جي بقاءَ ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن جا خاندان هن قوم جا محسن آهن، انهن جي ڀلائي لاءِ مخصوص رقم جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخ??اه?? جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، قبائلي علائقن جي معاملن واري وزير عامر عبدالله، ??اپ??ا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.