اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ??ي ترقي ۾ بوهره ب??ادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام بوهره ب??ادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره ب??ادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوهره ب??ادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ ??ريڪ هو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پاڪستان ??ي دوري جي آجيان ڪندي بوهره ب??ادري جي پاڪستان ??ي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ??اراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوهره ب??ادري جي پاڪستان ??ي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پاڪستان ??ي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان ??ي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره ب??ادري جي وفد نگران وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان ??هم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ??اراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره ب??ادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيراعظم ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته بوهره ب??ادري اڳتي به پاڪستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.