اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي. چي?? جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججز سان چي?? اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي ملاقات کانپپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خ??اف اپيل د??خل ڪئي وئي.ڪالهه جمعي ڏينهن چي?? جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس ج?? ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه بئنچ ۾ شامل هئا. عدالتي ڪارروائي سڌوسنئون نشر ڪئي وئي. اپيل ت?? ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چي?? ته آر اوز ڊي آر اوز بيوروڪريسي مان وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت هاڻي بئنچز جوڙيون وڃن ٿيون، منهنجي خ??اهش هئي ته موسٽ سينيئر ججز بئنچ ۾ شامل هجن. چي?? جسٽس چي?? ته جسٽس اعجازالاحسن مصروفيتن جي ڪري نه اچي سگهيو پوءِ اسان جسٽس سيد منصور علي شاهه کي تڪليف ڏني. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چي?? ته اليڪشن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسرن جي لاءِ پهرين ترجيح پنهنجا آفيسر آهن، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي فهرست حڪومت ڏيندي آهي، پي ٽي آءِ چي?? آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 ٿري تحت شفاف چونڊون ڪرايون ??ڃن?? چي?? جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کي نه مڃڻ مس ڪنڊڪٽ آهي، درخواست آئي لڳي به وئي، منع نامو جاري ڪرڻ وارو جج ئي لارجر بئنچ جو سربراهه بڻجي ويو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن اڄ ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪري. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي اپيل باضابطا ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به نوٽيس جاري ڪند?? ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.