اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، توانائي واري وزارت گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪر??، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران ??فاقي وز??رن ڊاڪٽر شمشاد اختر، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي نگران ??زيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اسان ترجيحي بنيادن تي معيشت جي بحالي لاءِ قدم کنيا، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪومت هر مڪن قدم کڻي رهي آهي. هن توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته گردشي قرصن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بجلي چوري جي خاتمي واري آپريشن سان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن جي گردشي قرضن جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مختلف ڪمپنين جي گردشي قرضن جي حوالي سان آگاهه ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل وزارت کي ناڻي واري وزارت سان ??شاورت کانپوءِ هڪ ٺوس، پائيدار حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.