اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان ۾ پشين جي علائقن خانوزئي ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي ڌماڪن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب نگران وزيراعظم ڌماڪن ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم زخمين کي فوري ??بي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري ??لوچستان کان انهن واقعن جي رپورٽ طلب ڪر?? ورتي. نگران وزيراعظم چيو ته امن امان جي صورتحال کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو، حڪومت عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.