اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ??يڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳا??هائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ??يڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ??يڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آهي، ??يڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ??يڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.