لاهور-08 فيبروري (اي پي پي)پنجاب جي ??ليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چي?? آهي ته عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ووٽر بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن. عام چونڊن جي ??والي سان جاري ڪيل پنهجي پيغام ۾ هن چي?? ته پنجاب صوبي جي 144 قومي ۽ 297 صوبائي اسيمبلي جي ??ڪن ۾ پولنگ جوعمل جاري آهي جيڪو صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندو. هن چي?? ته پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 رجسٽرڊ ووٽرز لاءِ 51 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن. انتظاميا، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا چونڊن کي صاف شفاف بڻائي رهيا آهن، شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??والي سان ڪنهن به قسم جي ??فلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چي?? ته ووٽرز جي ??ڪايت جي فوري طور تي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم سرگرم آهن.