اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ سعودي سيڙپڪاري سا?? نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. هو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فورم کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ دورو ڪندڙ اعليٰ سطحي سعودي وفد ش??ڪت ڪئي. دوري ڪندڙ وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان عبدالامحسن آل فضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير بندر ابراهيم آلخريف، سيڙپڪاري وارو خصوصي وزير ابراهيم بن يوسف المبارڪ، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه محمد مازياد التويجري ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته موجوده حڪومت جو هدف سيڙپڪاري خاص طور تي سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول پيدا ڪندي پاڪس??ان کي اقتصادي سرگرمي ۽ جدت رکندڙ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪس??ان ۾ سعودي سيڙپڪاري گ??يل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪس??ان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي قدر ۽ اداراجاتي نظام جي لاءِ ذريعي جي طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري اسلامي ورثي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا قائم آهن ۽ سعودي وفد جي دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ پائيدار رابطن کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سا?? پراڻي ۽ آزمايل دوستي پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم عنصر آهي، ان جو مقصد روايتي طور تي ڀائراڻن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم جو مقصد سيڙپڪاري جي حوالي سا?? لاڳاپيل عمل کي خوش اسلوبي سا?? سرانجام ڏيڻ ۽ فيصلاسازي کي موثر بڻائڻ آهي. هن چيو ته بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏيڻ، ريگيوليٽري فريم ورڪ کي هموار ڪرڻ ۽ پاڪس??ان ۾ سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪائونسل جو مرڪزي ڪردار آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪس??ان زرخيز ز??عي زمين، فعال افرادي قوت، معدني وسيلن، متحرڪ آءِ ٽي سيڪٽر، شمسي، هائيڊرو ۽ ونڊ جهڙي قابل تجديد توانائي جي وڏن امڪانن سا?? مالامال آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي زرخيز زمين ز??عي ٽيڪنالاجي ۽ فوڊ پراسيسنگ ۾ تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن. پاڻي وسيلن جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ پاڪس??ان جي لاءِ ريجنل فوڊ باسڪيٽ بڻجڻ جو ام??ان پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ جي کاڻين جي شعبي خاص طور تي تانبي، سون ۽ قيمتي معدنيات سا?? معروف ٽٿيان بيلٽ ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن مان به اڃا تائين فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ڌرين کي دستياب وڌيڪ موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.