اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زر??اري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات?? چين، ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا ??هن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا ??سان جا واپاري حصيدار آهن ۽ اميد آهي ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا ??ان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار اسٽريٽجڪ ۽ سدابهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون?? چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ۽ دشمن عنصرن کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ت??لق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.