اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي را??طن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پ??ڪستان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ ??ڏي?? مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پ??ڪستان علائقائي را??طن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا ??اڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، ??ڏي?? حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.