اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران ??لس??ي?? جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلا?? جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پاران ??لس??ين کي تسليم ڪرڻ جي تازي اعلان?? جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اهي تازا اعلان ??لس??يني عوام جي انه?? جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتا?? جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار ??لس??يني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏنو آهي جنه?? جي گادي وارو شه?? القدس ال??ريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل قوم?? جي ميمبر ملڪ?? جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ??لس??ين کي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي ??نهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.