بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وز??ر ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وز??راعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي ت??زي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??ن جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي ت??زين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وز??ر امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وز??راعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي ت??فظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.