اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) زرعي شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب اقتصادي اوسر واري شرح ۾ اضافو ٿيو، زراعت جي شعبي ۾ هي گذريل 19 سال دوران سڀ کان وڌيڪ ترقي آهي. مالي سال 24-2023ع دوران زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي اوسر واري شرح 6.25 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي فصلن ۾ بهتري سان زراعت جي شعبي ۾ ترقي ٿي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران زرعي شعبي ۾ ترقي جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي، صنعتي شعبي ۾ به هاڪاري اوسر واري شرح رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران ڪپهه جي پيداوار ۾ 108 سيڪڙو جو ا??افو ٿيو ۽ 10.2 مل??ن بيلز جي پيداوار ٿي، چانورن جي پيداوار ۾ 34.8 سيڪڙو ا??افو ٿيو ۽ 9.87 ملين ??ن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ 11.6 سيڪڙو ا??افو ٿيو ۽ 31.44 ملين ??ن جي پيداوار ٿي، لائيو ا??ٽاڪ جو زراعت جي شعبي ۾ حصو 60.84 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ لائيو ا??ٽاڪ جي شرح 14.63 سيڪڙو رهي، لائيو ا??ٽاڪ جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 3.89 سيڪڙو رهي.