اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عبدالستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج ??قي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي ??نس??نيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته عبدالستار ايڌي جي پاڪستان ۽ ??نس??نيت جي لاءِ بي مثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ??نس??ن دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي ??نس??نيت جي خدمت ڪئ??. ص??ر چيو ته عبدالستار ايڌي بي لوث جذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يتيم خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته ??لل?? تعاليٰ عبدالستار ايڌي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.