ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي ترقي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ صو??ي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، دانش اسڪولن کي بلوچستان ۾ ڊويزن جي سطح تي سگهه ڏيڻ جو عزم آهي، بلوچستان ج?? نوجوان اعليٰ تعليم يافته ٿيندا ته اهي صو??ي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي وزير ۽ صو??ائي ڪابينا جا ميمبر موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون بلوچستان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا آيو آهيان، بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ ڪابينا سميت عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو مون کي پورو يقين آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ صو??ائي حڪومت صو??ي جي عوام جي خدمت ڪندي ۽ بلوچستان جي اندر ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب ايندو، بلوچستان جو گورنر ڏاهو سياستدان آهي، اميد آهي ته هو آئيني ذميواري بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو، هن چيو ته بلوچستان اهم صو??و آهي هتي آباد بلوچ، پشتون آبادڪارن سميت پيار محبت ڪندڙ خوبصورت ماڻهو آهن، هي صو??و پاڪستان جو خوبصورت علائقو آهي، بدقسمتي سان ترقي جي ڊوڙ ۾ هي پٺتي رهجي ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام سميت پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان هن چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اتحادي حڪومت هڪ فيصلو ڪيو آهي جنهن ج?? مثبت نتيجا نڪرندا، بجلي جي سبسڊي وارو باب ختم ڪري 28 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٽيوب ويلز سولر تي هلندا ته سستي ترين بجلي زميندارن کي ملندي. بلوچستان جي وڏي وزير واعدو ڪيو آهي ته 28 هزار ٽيوب ويلز کي 3 مهينن ۾ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. وڏو وزير پاڻ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي. ان من??وب?? سان بجلي جي چوري جو خاتمو ٿيندو، من??وب?? جي لاءِ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، صنعت واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، توانائي واري سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ خاص طور تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ٻين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته دل سان تمام گهڻي خوشي ٿي ته بلوچستان جي وڏي وزير من??وب?? جو فالو اپ ڪيو. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ تيل تي هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز آهن جن تي ساليانو 3.5 ارب ڊالر خرچ اچي رهيو آهي، اسان کي گڏجي هڪ بزنس ماڊل تحت صو??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ايتري وڏي خرچ مان ڇوٽڪارو اختيار ڪرڻو پوندو. صو??ن سان گڏ جلد هڪ ماڊل جوڙيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان قرض ۾ جڪڙيل آهيون، وفاق ۽ صو??ا گڏجي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪندا ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي ياد رکندي ۽ جيڪڏهن هن موقعي کي ضايع ڪيو ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته وفاق هن سال بلوچستان ۾ دانش اسڪولن جي لاءِ بجيٽ رکي آهي، باقي صو??ن وٽ وڌيڪ وسيلا آهن جڏهن ته بلوچستان جو جاگرافيائي جي حوالي سان زمين تمام وڏو آهي، انهن فاصلن جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي ۽ وفاق مان دانش اسڪولن جو من??وب?? بلوچستان جي لاءِ رکيو آهي، وزيراعظم بلوچستان حڪومت کي صو??ي جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته صو??ي جي سمورن مسئلن جو حل گڏجي ويهي ڪڍنداسين. بلوچستان مان محرومي جي احساس کي ختم ڪرڻ ۽ صو??ي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار اداڪ ??ڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. دانش اسڪولن کي بلوچستان ۾ ڊويزن جي سطح تائين سگهه ڏيڻ جو عزم آهي. هن چيو ته وفاق بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صو??ائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو، چين ۾ سرڪاري وظيفن تي زرعي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ ويندڙ شاگردن ۾ بلوچستان جي 10 سيڪڙو وڌيڪ شاگردن جي ڪوٽا رکي آهي، چين ۾ هواوي تحت ٽي لک پاڪستاني نوجوانن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ تربيت ۾ پڻ بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. بلوچستان ج?? نوجوان اعليٰ تعليم يافته هوندا ته اهي صو??ي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ اسان جي مجبوري آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻينداسين ته ان مسئلي مان نڪري سگهون ٿا، هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جي پروگرام جي لاءِ اپروچ ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي.مشڪل مان گذري ئي وڏيون وڏيون قومون ٺهيون آهن، جاپان، چين ۽ ٻين ج?? مثال اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته اهو دور ايندو جڏهن اسان ترقي جي راهه تي گامزن ٿينداسين، اسلام آباد ۾ عوام جي لاءِ به هڪ من??وب?? تيار ڪيو آهي جنهن ۾ عوام کي ريليف ڏينداسين. وفاق بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صو??ائي حڪومت سان گڏ آهن، صو??ن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ امن امان پهرين ??رط آهي. هن چيو ته جڏهن آئون گذريل دور ۾ وزيراعظم هئس ته گوادر جا 7، 8 دورا ڪيا آهن هاڻي اسان جي حڪومت آئي ته خبر پئي ته اهو سيف سٽي وارو من??وب?? بند ڪيو ويو. گوادر هڪ تمام وڏي بهترين ڪمرشل بندرگاهه بڻجندي. چين گوادر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال منصوبا ڏنا. دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪي دشمن چين جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن اهي بلوچستان، پاڪستان ۽ اسان سڀني جا دشمن آهن، انهن کي اسان سڀ ڄاڻون ٿا، اسان گڏجي ان ناسور کي ختم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ايندي ته ان جو فائدو سڀ کان اڳ بلوچستان کي ملندو، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ٻين ادارن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي جيڪي مسئلا آهن اهي گڏجي حل ڪنداسين.