سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والا??يل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت مختلف علائق?? ۾ ??ڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير ا??مد شاه، م??مد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم ا??مد خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف علائق?? ۾ ??ڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالب?? ۾ ??لم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولا??يل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.