اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آ??ي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آ??ي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آ??ي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آ??ي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي ت?? ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن جو مسئلو آ??ي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي س??ن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آ??ي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي س??ن وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آ??يان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي س??حد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آهي ت?? پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آ??ي جڏهن ته ان مسئلي ت?? سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.