ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪو??يٽا ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف س??ڪر??ٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ڪالهه اربع ڏينهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪو??يٽا ۾ جديد سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪن??ي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ صوبائي حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪو??يٽا ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي سان عوام کي صفائي سٿرائي جي بهتر سهولت ملندي.