اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ جرم??ي جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرم??ي جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان جرم??ي جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري ??زير سوينجا شولزي جي ??زيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزير شولزي جي ??اڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ جرم??ي جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرم??ي جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ جرم??ي جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم جرمن حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلين جي ??وثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌويجهه جي ??اءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي ??عاشي بحالي جي ??اءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وزير شولزي وزيراعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان ٻط??فن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري ??ضبوط بڻائڻ جي ??اءِ جرم??ي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته جرمني پاڪستان جي ??ابل تجديد توانائي جي شعبي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ جي ??دمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ۽ جرم??ي جي اقتصاديات واري ??زير ٻط??في اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ??نتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي بر??مد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير سوينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري ??ملڪتي وزير شامل هئا.