اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زر??اري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار ??ڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايا?? خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو ??هي. تقريب ۾ جنرل لي چيائو منگ جي ??ار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايا?? خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ??هي. جنرل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور ??هي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زر??اري جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ??هي.