راولپنڊي-29 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عمان جي سرڪاري دؤري دوران نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ شاهي درٻار جي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سلطنت عمان جو سرڪاري دؤرو ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سيد شهاب بن طارق بن تيمور سان ملاقات ڪ??ي. هن شاهي درٻار جي وزير جنرل سلطان بن محمد ??لن??ماني سان به ملاقات ڪ??ي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي دؤري دوران چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الرئيسي، سروسز چيفس ۽ چيئرمين آف ڊفينس اڪيڊمي سان به ملاقاتون ڪيون. ڌار ڌار ملاقاتن دوران تربيت، سيڪيورٽي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، دفاعي صنعت سميت عسڪري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سل??مت?? جي صورتحال ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عسڪري لاڳاپن کي واڌ ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. عماني عملدارن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.