راولپنڊي – 05 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي ??ڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي ??ان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سي??يئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي ??يام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ??اءِ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي ??ٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي ??ظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي ??اءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي ??وج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.