اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي چيو آهي ته اسلام آباد پو??يس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ج?? قانون بابت صلاحڪار محمد مش??اق طرفان گهرو سيڪريٽري کي ل??يل خط ۾ قومي اسيمبلي ج?? قاعدن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع ج?? قاعدي 108 جي ذيل?? قاعدي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پو??يس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، اويس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.