اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانوي پارليامنٽ جي ميمبر محمد يا??ين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان جا برطانيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام برطانيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان برطانيه سان پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامانن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيه جي قومي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ??رد??ر ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ- برطانيه پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ٻ??رفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪري رهيو آهي. برطانوي پارليامنٽ ميمبر چيو ته برطانيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پ??اڻ?? لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پارلياماني فرينڊ شپ گروپس جي پليٽ فارم سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪستان جو ترقي طرف سفر انتهائي تعريف جوڳو آهي.