اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جو عا??مي ڏينھن 24 آڪٽوبر تي ملھا??و ويندو. اھو ڏينهن پول??و ويڪسين تيار ڪندڙ ڊاڪٽر جوناس سالڪ جي سالگره جي موقعي تي ملھا??و ويندو آھي. صحت جي عا??مي اداري (ڊبليو ايڇ او) مطابق سڄي دنيا ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ 99.9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي. پوليو جي عا??مي ڏينھن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ عام ماڻھو کي پوليو جي بيماري، تحفظ بابت آگاھي فراھم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڏورانھن ۽ ڏکين علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پول??و ورڪرز جي ڪوششن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪ??و ويندو.