اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ??ند??، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ??اه?? ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. ه?? سال جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مق??د مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سعودي عملدار?? سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ??ند??ون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي غور ??ند??ون. وزيراعظم جي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻه?? سان ملاقات پڻ متوقع آهي.