اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ??انفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”لا??حد??د آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير جي لاءِ اڄ جي سيڙپڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ??انفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پنهنجي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ??انفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ص??ت ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان به ملاقات متوقع آه??. ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون متوقع آه??. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آه??.