اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر م??مد اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي ا??لا?? جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم دوري جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ا??لا?? ۾ ميري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن بابت تجويز ڪيل ايم او يوز پڻ پيش ڪيا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين تجويز ڪيل مفاهمت جي يا??دا??تن تي پريزنٽيشن ڏني. نائب وزيراعظم ا??لا?? ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي هن دوري جي ڪاميابي ۽ تجويز ڪيل مفاهمت جي يا??دا??تن تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪ?? ڪن.