اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تعليمي ??ظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي، پر اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط به آهي. تختي کان ٽيڪنالاجي تائين جو سفر اسان جي تعليم جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو آهي، جتي ٽيڪنالاجي، تخليقي صلاحيتن ۽ جديد مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي ??عيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ ??و بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي ??ظام کي اهڙي نصاب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت تعليم واري وزارت نصاب ۽ امتحاني نظام جي سڌارن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت کان سواءِ معياري تعليم جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي ??عيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو ??ائ?? ڪيو ويندو. امتحاني نظام ۾ سڌارن کان سواءِ تعليمي ??عيار بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي ??صاب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، قومي ??صاب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي تعليمي ??اهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنالاجي مطابق تعليمي ??صاب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي تعليمي ??ظام جي ناڪامي جي عڪاس آهي، تعليمي ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم کان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ کان پوءِ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ ۾ معياري تعليم جي فراهمي ??ائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعليمي بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.