اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هاڻوڪي افتتاح کانپوءِ ان جي ڪمرشلائيزيشن لاءِ جامع منصوبو تي??ر ڪرڻ ۾ دير تي سخت ڇنڊ پٽي، اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال گوادر کي عالمي ايئر لائنز لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻائڻ جي ??هميت تي زور ڏيندي خبرد??ر ڪيو ??ه جيڪڏهن افتتاح جي 6 مهينن اندر ايئر لائنز کي ان طرف راغب نه ڪيو ويو ??ه ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽجي ويندا. هن ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جهڙن خطن مان ڊگهي فاصلي جي ??ڏامن کي راغب ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن لاءِ سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ جي ??جويز ڏني. چين جي ??ڪومت 230 ملين ڊالرن جي ??عاون سان تعمير ڪيل نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو رن وي 3648 ميٽرن تي ٻڌل آهي. ان جي مسافر ٽرمينل بلڊنگ جي ??يراضي 14،000 چورس ميٽر آهي ۽ ان ۾ پوليس اسٽيشن، سيڪيورٽي، گودام ۽ ٻيون ضروري عمارتون، عوامي سهولتون، (پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي، ايڇ وي اي سي وغيره) هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول سهولتون، ڪميونٽي اسپتال، اسڪول، رهائشي علائقا ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن. ايڊيشنل ڊي جي پي اي اي ايئر وائيس مارشل ذيشان سعيد وفاقي وزير کي سيڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ ڏني ۽ ڊسمبر تائين آپريشنل ڪليئرنس جي ??اطري ڪرائي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيو گوادر ايئرپورٽ فيض الله خٽڪ ۽ ڊي جي ڪمرشل پي سي اي اي عبدالباس سرڪاري کاتن، گودامن لاءِ رکيل پلاٽن ۽ ٽينڊرز سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال ڪمرشلائيزيشن رٿابندي ۾ ٻن سالن جي ??ير تي مايوسي جو اظه??ر ڪيو ۽ پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته ايئر لائنز کي راغب ڪرڻ، ڪارگو سهولتون تي??ر ڪرڻ ۽ عالمي پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪن، مارڪيٽ تي ٻڌل حڪمت عملي جي ??رورت تي زور ڀريندي احسن اقبال چيو ??ه ايئرپورٽ جي ??فتتاح کان پهرين مارڪيٽ تجربو ڪرڻ گهرجي ها. هن نشاندهي ڪئي ته عمان ۽ دبئي ۾ فني لينڊنگ ڪندڙ عالمي ايئر لائنز گوادر کي هڪ گهٽ لاڳت متبادل طور ڏسي سگهن ٿيون ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي اين جي ??ءِ اي کي ان جي مطابق پيش ڪن. هن مسافرن جي ??چ وڃ سان گڏوگڏ ايئر ڪارگو سهولتن جي قيام تي زور ڀريندي پي سي اي اي کي هدايت ڪئي ته هو ڊي ايڇ ايل ۽ فيڊيڪس جهڙين عالمي لاجسٽڪس ڪمپنين سان شروع ڪن ۽ ڪارگو يوٽيلٽي کي ترجيح ڏين، عملدارن ٻڌايو ??ه اين جي ??ءِ اي ساليانو 4 لک مسافرن کي سنڀالڻ جي ??لاحيت رکي ٿو، جنهن کي عالمي سطح تي 16 لکن تائين وڌائي سگهجي ٿو، ايئرپورٽ جي ??ستعمال کي وڌائڻ لاءِ وفاقي وزير ڪمرشل سهولتن جهڙوڪ ريسٽورنٽس، ڊيوٽي فري شاپس، تفريحي سهولتن جي ??رقي تي زور ڀريو. بئنڪاڪ جي ڊان موانگ ايئرپورٽ جو مثال ڏيندي جتي رن ون وچ ۾ هڪ گولف ڪورس موجود آهي، هن مسافرن ۽ ڪاروباري ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ايئرپورٽ جي ??ير استعمال ٿيل زمين کي اهڙي طرح تخليقي منصوبن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??جويز ڏني. وفاقي وزير اجلاس جي پڄاڻي تي پي اي اي عملدارن کي ٽن هفتن اندر هڪ جامع ڪمرشلائيزيشن منصوبو پيش ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني جنهن ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ جي واضح ٽائيم لائنز ۽ حڪمت عملي شامل هجي.