لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معامل?? جي حوالي سان تعاون ۽ مسئل?? جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??ين??ٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي ??ين??ئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت ک??نپ??ءِ سياسي تعاون ۽ مسئل?? جي ح?? جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.