اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي،ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ويزن کي سم??هڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطحي تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.اهڙو اظهار هن فڪر اقبال جي ترقياتي ويزن جي موضوع تي رٿيل مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 1999ع تائين معا??ي لحاظ کان مستحڪم ملڪ هو، سياسي عدم استحڪام ۽ ترقي ۽ پاليسي جو تسلسل نه هجڻ سبب اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. اقبال جو تصور قوميت قيام پاڪستان جو سبب بڻيو.هن چيو ته اقبال جو فلسفو خودي اسان کي هڪ خودار، خودمختيار ۽ معا??ي لحاظ کان مستحڪم ملڪ جي صورت ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏ?? ٿو. اقبال ڪو صوفي ۽ مذهبي شاعر ۽ فلسفي نه هو، سندس انقلابي شاعري روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي قيام جي حامي آهي. هن چيو ته اقبال جو فڪر ماٺار بدران تحرڪ جو رستو اختيار ڪرڻ طرف رهنمائي ڪر?? ٿو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ترقي جي ويزن کي سم??هڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطح تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.