اسلام آباد – 10 ڊسمبر(اي پي پي) ڪوهيڙي جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ موٽروي ايم 2 اسلام آباد کان ڪوٽ مومن تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کلي ويو آه??. م??ٽروي پوليس جي ترجمان مطابق موٽروي بند ڪرڻ جو مقصد حادثن کان بچڻ ۽ موٽروي استعمال ڪندڙن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. شهرين کي درخواست آهي ته ڪوهيڙي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ??ن، پنهنجو سفر ڏينهن جي رو??ني ۾ مڪمل ڪري ڪوهيڙي جي شروعات کان اڳ پنهنجي منزل تائين پهچي وڃن. هن چيو ته گاڏين ۾ فوگ لائيٽس جو استعمال ڪن. تيز رفتاري کان پاسو ??ن ۽ اڳين گاڏي کان مناسب فاصلو معمول کان وڌيڪ رکن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موٽروي پوليس هيلپ لائين 130 ۽ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽروي پوليس جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان پڻ تازي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.