اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير ح??ين جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن جي باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرا?? رکڻ ۽ ع??ام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني ??ڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي ??گه??. راڻا تنوير ح??ين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. هن اهو پڻ چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.