اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده بحران دوران ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رضاڪار ڪرونا يوٿ ٽائيگر فورس ۽ صحافين جي تحفظ جي لاءِ موبائيل ايپليڪيشن اڄ سومر ??ين??ن جاري ڪئي ويندي، ڪرونا وائرس جو واحد علاج احتياط آهي، ڪرونا وائرس معيشت تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ڪيو.