??سل??م آباد – 17 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشمير??ن کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي ع??ل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشمير??ن کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي ش??ن کان محروم رکيو آهي.