اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ريلويز کي خساري مان ڪڍ?? منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، اداري جي نئين سر تنظيم سازي ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جو عمل ان وقت مڪمل ٿيندو جڏهن عوام پاڻ ان تبديلي کي محسوس ??ند?? ۽ ان مان فائدو کڻندي، ريلوي جي نئين سر تنظيم سازي کي ايم ايل ون منصوبي جي ڏس ۾ مڪمل ڪيو وڃي، جيترو ممڪن ٿي سگهي مسافرن کي انهن جي درن تائين ٽڪي??ون پهچائڻ جو انتظام يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز جي نئين سر تنظيم سازي ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ??ند?? ڪيو.