اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميمي بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزير??عظ?? جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪ??ر بابر اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپور?? ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪ??و، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪ??و، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪ??ر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپور?? ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪ??و. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪ??و، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.