اسلام آباد – 03 سي??ٽم??ر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان ??اڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ آهي، خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ به ??ضافو ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان ??ان ??يرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ افغان ??رينڊشپ گرو?? جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.